ا??لا?? آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڊينمارڪ جي حڪومت افغانستان م??ن پنهنجي شهرين جي حفاظت سان واپسي ۾ مدد تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي س??ن پاڪستان ۾ ڊينمارڪ جي سفير ليس روزن هولم ملاقات ڪئي ۽ ڊينمارڪ جي شهرين جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪرڻ ڊينمارڪ جي حڪومت ۽ عوام پار??ن پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان غير ملڪي شهرين ۽ عالمي تنظيمن جي ميمبرن کي فضائي ۽ زميني رستن ذريعي ڪڍيو، ان موقعي تي پاڪستان جي صحت جي نظام ۾ طبي اخلاقيات جي فروغ جي حوالي سان صدر جي صدارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو، ڊينمارڪ جي سفير اجلاس کي طبي اخلاقي طريقن ۽ ڊينمارڪ جي اعليٰ معيار جي صحت جي نظام جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس ۾ صحت جي شعبي جي پروفيشنلز ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي جي اخلاقي ۽ بهترين طريقن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو، صدر چيو ته طب جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن کي اينٽي بايوٽڪس کي غير ضروري طور تي تجويز ڪرڻ ??لا??_فادر/117565.html">?ي رجحان جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اهو طبي نگهداشت جي ڪارڪنن، دواساز ۽ ٻين لاڳاپيل اد??رن جي ذميداري آهي ته هو طبي اخلاقيات کي فروغ ڏين ۽ مريضن کي اينٽي بايو ٽڪس جي ضرورت کان وڌيڪ نسخي جي حوصلا شڪني ڪن، اجلاس ۾ نيشنل هيلٿ سروسز، ريگوليشن اينڊ ڪوآرڊينشن واري وزارت جي پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ ٻين شرڪت ڪئي.