اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پناهگاهن جو مقصد غريب طبقي جي عوام جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن غربت جي خاتم?? ۽ ??ماجي تحفظ واري خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي بيت المال جو ايم ڊي، سي ڊي اي جو چيئرمين ۽ لاڳاپيل آفيسر به موجود هئا. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ و??ير??عظم کي پناهگاهن جي صو??تح??ل ۽ بهتري لاءِ جوڙيل جامع منصوبي تي بريفنگ ڏني وئي، و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ٽن مرحلن ۾ عملدرآمد ڪيو ويندو، منصوبي موجب موجوده پناهگاهن ۾ سهولتن جي فراهمي ۾ بهتري آندي ويندي، نجي عالمي معيار جي هوٽلن مان پناهگاهن جي عملي کي تربيت فراهم ڪئي ويندي، پاليسي تي عمدلرآمد لاءِ هڪ بور?? ۽ ??نتظامي معاملن کي ڏسڻ لاءِ هر پناهگاهه ۾ 4 رڪني بورڊ جوڙيو ويندو، سهولتن جي حوالي سان ڊجيٽل ڊيش بورڊ جوڙيو ويندو جيڪو نگراني ۾ مدد ڪندو. ڊيش بورڊ کي موبائيل جي ذريعي باآساني هلائي سگهجي ٿو ۽ موجوده پناهگاهن ۾ مسئلن جي نشاندهي ڪري انهن کي حل ڪيو ويندو. و??ير??عظم کي ٻڌايو ويو ته پناهگاهن کي ان مقصد جي لاءِ تعمير ڪيل عمارتن ۾ منتقل ڪرڻ به منصوبي جو ح??و آهي، پناهگاهن سان گڏ ??حس??س ون ونڊو سينٽر به کوليا ويندا، ون ونڊو سينٽر جي ذريعي پناهگاهن ۾ رهندڙ اهل ماڻهن کي ??حس??س تحت ٻين پروگرامن مان سهولت وٺڻ ۾ آساني ٿيندي، و??ير??عظم هدايت ڪئي ته جن پناهگاهن تي ماڻهن جي رش آهي انهن تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هن چيو ته پناهگاهن سان جو سياست سان ڪو به تعلق نه آهي، ان جو تعلق الله ۽ ان جي مخلوق جي خدمت سان آهي. پناهگاهن جو مقصد معاشي طور تي غريب طبقي جي ماڻهن جي وقار کي مجروح ٿيڻ کان بچائڻ آهي، پناهگاهن کان پهرين غريب ماڻهو روڊن تي سمهڻ تي مجبور هئا، و??ير??عظم هدايت ڪئي ته منصوبي موجب مثالي پناهگاهن جو قيام جلد عمل ۾ آندو وڃي.