جهلم – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اڄ نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، هڪ دبئي ۾ ۽ ٻيو لنڊن ۾ مفرور آهي، شهباز شريف سان نيب چيئرمين جي مقرري جي لاءِ مشاورت ڪرڻ ائين آهي جيئن ڪنهن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو جاچ آفيسر ڪنهن کي لڳائڻو آهي، خطي جي اهم فيصلن جي لاءِ عالمي قيادت وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي، عمران خان سدائين پاڪستان جي عوام جي دلين جي ترجماني ڪئي، جن ماڻهن کي جيلسي آهي اهي ايندڙ 5 سال به روئيندي گذاريندا، اسان عوام سان ڪيل سمورا واعدا پورا ڪيا، نومبر ۾ کاريان کان اسلام آباد موٽروي جي تعمير شروع ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چي?? ته الله تعاليٰ جي مهرباني ۽ وزيراعظم عمران خان جي خاص ڌيان ڏيڻ سان اڄ جهلم ترقي طرف گام??ن آهي، اسان عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي ٽن سالن ۾ ئي پورا ڪري ڇڏيا آهن. هن چي?? ته نومبر ۾ کاريان کان اسلام آباد موٽروي جي تعمير شروع ڪري رهيا آهيون جيڪا جهلم مان گذرندي، ان موٽروي سان لاهور ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ سئو ڪلوميٽر جو فاصلو گهٽ ٿيندو جڏهن ته ان موٽروي سان روات، گوجر خان، سوهاوه، چڪوال، دينه، جهلم، سرائي عالمگير، کاريان، لالا موسيٰ، وزير آباد جي وڏي آبادي فائدو کڻندي جنهن کي گذريل دور ۾ موٽروي جي تعمير جي وقت نظرانداز ڪيو ويو هو. هن چي?? ته اهو پراجيڪٽ نارٿ پنجاب جو سڀ کان وڏو روڊ پراجيڪٽ هوندو جنهن جو وزيراعظم نومبر ۾ افتتاح ڪندو. چوڌري فواد حسين چي?? ته وزيراعظم عمران خان سدائين پاڪستان جي عوام جي دلين جي ترجماني ڪئي آهي. افغانستان جو مسئلو هجي يا ڪشمير جو، غريب ملڪن مان ڦريل دولت امير ملڪن کي منتقلي جو معاملو هجي يا ماحول جو، وزيراعظم عمران خان هر سطح تي پاڪستان جي هر شخص جي دل جي ترجماني ڪئي. هن چي?? ته وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران جهڙي طرح ڪشمير جو معاملو گڏيل قومن آڏو رکيو، نريندر مودي کي للڪاريو، ائين پاڪستان ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو. هن چي?? ته ممبئي واقعن ۾ الزام لڳ?? ته هڪ پاڪستاني انهن حملن ۾ ملوث آهي، ان شخص جو ڪنهن سيڪيورٽي ايجنسي ۽ فوج سان ڪو تعلق نه هو پر عالمي سطح تي پاڪستان جي خلاف پروپئگنڊه مهم شروع ڪئي وئي. هن چي?? ته بلوچستان ۾ جڏهن ڪلڀوشن ياديو کي گرفتار ڪيو وي?? ته نواز شريف ان تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. هن چي?? ته پاڪستان ۾ اهڙا ماڻهو حڪمران رهي چڪا آهن جن ۾ ڪڏهن پنهنجي پيرن کان اڳتي ڏسڻ جي صلاحيت ئي نه آهي. انهن قومي دولت ڦرڻ، نريندر مودي کي شادين ۾ گهرائڻ کانسواءِ ڪڏهن ڪو تعميري ڪم نه ڪيو. هن چي?? ته اڄ نواز شريف ۽ اشرف غني هڪ جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن، هڪ دبئي ۾ ۽ ٻيو لنڊن ۾ مفرور آهي، جيڪي ماڻهو پنهنجي مٽيءَ سان ڳنڍيل نه هجن ته اهڙي طرح جي زندگي گذارڻ انهن جو مقدر هوندو آهي، نواز شريف ۽ اشرف غني ٻئي ڊالرن جا بيگ ڀري ٻاهرئين ملڪ فرار آهن. هن چي?? ته اهو انهن ماڻهن جي لاءِ ??بق آهي جيڪي سياست ته ڪن ٿا پر پنهنجي زمين سان ڳنڍجن نه ٿا، اهڙي قسم جي ماڻهن جو حشر اسان جي آڏو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير جهلم ۾ ڪنٽونمينٽ جي چونڊن ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪلين سوئيپ تي جهلم جي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چي?? ته هن وقت وفاق جي نمائنده پارٽي رڳو تحريڪ انصاف آهي، وزيراعظم عمران خان جو ملڪ ۾ هر جڳهه تي ووٽ بئنڪ موجود آهي. اها اسان جي خوشقسمتي آهي جو وفاق کي ڳنڍيندڙ ليڊر اسان وٽ موجود آهي. هن چي?? ته ايندڙ چونڊن ۾ به پاڪستان تحريڪ انصاف ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. چوڌري فواد حسين چي?? ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي وکرجي چڪيون آهن، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو به ڪير نه آهي، بلاول ڀٽو ڏکڻ پنجاب جي دوري جي موقعي تي ماڻهن کي 5، 5 ڪروڙ رپين جي آفر ڪئي ته اسان جي ٽڪيٽ تي اليڪشن وڙهو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اليڪشن ڪميشن سان معاملا بهتري طرف گام??ن آهن، اليڪشن ڪمشنر يا اليڪشن ڪميشن جي ب??قي ماڻهن سان اسان جو ڪو ذاتي جهيڙو نه آهي. نيب چيئرمين جي مقرري جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته شهباز شريف جوابدار آهي، نيب کيس جوابدار ڊڪليئر ڪري ڇڏيو آهي، نيب چيئرمين جي مقرري ب??بت شهباز شريف سان مشاورت ائين آهي جيئن چور کان پڇيو وڃي ته ان جو جاچ ڪندڙ ڪير هوندو. هن چي?? ته نيب جي نئين چيئرمين جي مقرري جي لاءِ شهباز شريف سان مشاورت نه ٿيندي. چوڌري فواد حسين چي?? ته اڳ ۾ حڪومتون رڳو ليڊرن سان پنهنجا لاڳاپا ٺاهينديون هيون، عمران خان عالمي سطح تي عوام سان ڳالهه ڪندو آهي، اسان نيوزيلينڊ جي پاڪستان جي دوري جي ملتوي ٿيڻ جي حوالي سان حقيقتون سامهون آنديون ته انگلش ڪرڪيٽ ٽيم ۽ انگلش ڪرڪيٽ بورڊ تي دٻاءُ پيو، انگلش وومين ٽيم به انهن کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهي آهي جڏهن ته برطانيا جي وزيراعظم پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، اها پبلڪ ڊپلوميسي جي ڪاميابي آهي، اسان عوام آڏو سڀ شيون رکيون. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته جهلم ۾ واهن جي منصوبي جي پهرين ڊسٽري بيوٽري مارچ 2022ع ۾ مڪمل ٿي ويندي، روڊ نيٽ ورڪ جي لاءِ 15 آڪٽوبر تائين ڪمپنيون شارٽ لسٽ ٿي وينديون، آڪٽوبر جي ٽئين هفتي ۾ ان تي ڪم شروع ٿي ويندو. چار مرحلن ۾ ان تي ڪم شروع ٿي رهيو آهي، پهرين فيز ۾ للا کان پنڊ دادن خان ۽ سنگهوئي کان مصري موڙ شامل آهي. اهي ٻه فيز ايندڙ 8 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته (ن) ليگ وٽ شهباز شريف ۽ مريم نواز آهن، اهي هر هفتي ٽاس ڪن ٿا ته هن هفتي فلاڻو ليڊر هوندو ۽ اڳئين هفتي ٻئي جو وارو هوندو. هن چي?? ته پيپلزپارٽي ۽ پي ايم ايل اين جي هي آخري اليڪشن هوندي، ان کانپوءِ اهي اليڪشن وڙهڻ جي پوزيشن ۾ ئي نه هوندا، عمران خان ۽ تحريڪ انصاف وڏي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ وڃي رهيا آهن. هڪ ٻئي سوال تي هن چي?? ته خطي جي معاملن جي حوالي سان عالمي ليڊرشپ عمران خان ۽ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي جيڪا اسان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي، جن ماڻهن کي جيلسي آهي ته پاڪستان جا سمورا ادارا ۽ حڪومت هڪ مٺيءَ ۾ ويڙهيل آهن، اهي ايندڙ 5 سال به ائين ئي روئيندي گذاريندا.