اسل??م آباد – 06 R11; آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير سيد فخر امام ملاقات ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم کي ڪپهه، ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي فصل جي پيداوار جي حوالي سان هن وقت تائين جي حوصلا افزا رجحانن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 30 سيپٽمبر 2021ع تائين پاڪستان ڪپهه ?? 38.5 ملين ڳٺڙين جي پيدوار حاصل ڪئي آهي، جڏهن ته گذريل سال انهي مدي دوران 27 ملين ڳٺڙيون حاصل ٿيون،
وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اسان ڪڻڪ، چانور، ڪمند ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ گذريل سال جي پيداواري انگ اکر ترتيب وار 27.5 ملين ٽن، 8.4 ملين ٽن، 81 ملين ٽن ۽ 8.4 ملين ٽن کان اڳتي وڌڻ جي راهه تي گامزن آهيون. وزيراعظم خوراڪ واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيو جيڪا انب ۽ ليمون ميوون (سٽرس فروٽ) جي برآمد ۾ رڪارڊ برآمدي هدف ترتيبوار 150 هزار ٽن ۽ 463 هزار ٽن حاص?? ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم زراعت جي شعبي ۾ تاريخي واڌ نمو ۽ برآمدي هدفن کي حاص?? ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن جي ڪوششن کي ساراهيو.