اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مع??ني??ت جو شعبو مجموعي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ آهي، مع??ني??ت جي شعبي جي ترقي لاءِ ليگل فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ قدمن کي تي?? ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مع??ني??ت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان فريم ورڪ جي تياري جي لاءِ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته مع??ني??ت جو شعبو ڀرپور صلاحيت رکندڙ آهي ۽ شعبي ۾ سيڙپڪاري تي پرڪشش منافعو ڪمائي سگهجي ٿو. هن چيو ته مع??ني??ت جو شعبو ملڪ جي مجموعي معاشي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مع??ني??ت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان قدمن کي ٺوس بڻائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان هداي ڪئي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ رابطن کي موثر بڻائڻ جيل اءِ جلد کان جلد فوڪل پرسن مقرر ڪيو وڃي ته جيئن مع??ني??ت جي شعبي جي ترقي جي فريم ورڪ تي عملدرآمد جي موثر نگراني ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته مع??ني??ت جي ترقي جي حوالي سان اهل ۽ تربيت يافته انساني وسيلن مان فائدو ۽ انساني وسيلن جي صلاحيت ۾ بهتري جي حوالي سان عالمي تجربن مان فائدو کنيو وڃي. هن هدايت ڪئي ته مع??ني??ت جي شعبي جي ترقي جي فريم ورڪ جي هدفن ۽ مقصدن جو تعين ڪري انهن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي. بئي طرف پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي مع??ني??ت جي ترقي جي حوالي سان تزويراتي منصوبي بابت بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ شعبي جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر تزويراتي منصوبي تي موثر عملدرآمد جي ذريعي ايندڙ 15 ??ال?? دوران جي ڊي پي ۾ مع??ني??ت جي شعبي جو حصو 10 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو. منصوبي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي قدمن کي ٺوس بڻائڻ، فني سهولتن جي فراهمي، ڊيٽا بيس جي ترقي، مالياتي فائدن، انساني وسيلن جي تربيت ۽ قانوني عمل تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. منصوبي ۾ گهٽ مدي، وچ مدي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف مقرر ڪيا ويا آهن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت ترين، محمد حماد اظهر، اسد عمر، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، ڊي جي ايف ڊبليو او ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.