اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم ۽ صحت جي بنياد تي هڪ صحتمند ۽ ترقي يافته قوم بڻجندي آهي، صحيح فيصلا سازي ۽ پنهنجي ذهانت کي استعمال ۾ آڻيندي اسان دنيا ۾ جلد پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهون ٿا، گهٽ آبادي وارن صوب?? جي لاءِ وڌيڪ فنڊ?? جي فراهمي بابت لائحح عمل اختيار ڪرڻ گهرجي، خاندان?? منصوبابندي بابت پيغام هر گهر تائين پهچائڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ آبادي جي موضوع تي سالياني ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس ۾ نمائنده ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن ايسوسيئيشن آف پاڪستا?? جي صدر ڊاڪٽر علام محمد عارف، يونيورسٽي جي مختلف شعب?? جي سربراهن، استادن ۽ شاگرد?? جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ته خاندان?? منصوبابندي بابت پيغام هر گهر تائين پهچڻ گهرجي، موجوده دور جي گهرج آهي ته فيصلا تيزي سان ڪيا وڃن، گهٽ آبادي وارن صوب?? جي لاءِ وڌيڪ فنڊ?? جي فراهمي سان لاڳاپيل عمل اخيتار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي هڪ وڏو چئلينج آهي، ملڪ کي گذريل 30 کان 50 سالن کان اهو چئلينج درپيش آهي، بنگلاد??ش ۽ ايران جهڙا اسلامي ملڪ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا، اسان کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين ان بابت پنهنجو پيغام پهچائڻ گهرجي، عالم سڳورا به ان باري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا بحرا?? جي ٻن سال?? جي دوران ميڊيا اسا?? جي وڏي مدد ڪئي، آبادي ۾ اضافي سان پيدا ٿيندڙ مسئل?? جي باري ۾ پيغام گهر گهر وڃڻ گهرجي، پاڪستان ايندڙ ٻن سالن تائين حمل روڪ مصنوعات جي مينوفيڪچرنگ شروع ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته صحت هر گهر کي اثر انداز ڪندي آهي، خاندا?? جي اندر توازن پيدا ڪريو، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ مڊ وائيف وڌندڙ آبادي ۽ خاندان?? منصوبابندي جي باري ۾ هر گهر ۾ پيغام پهچائي سگهن ٿيون، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي روانگي واپار وڌڻ خوش آئنده آهي، اسان پراڻو بار کڻي هلي رهيا آهيون، ان ڳالهه تي پورو يقين آهي ته صحيح فيصلو ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان 5 کان 10 سالن ۾ دنيا ۾ منفرد مقام حاصل ڪندو. صدر عورتن کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عورتن کي تعليم، بهتر موقعا ۽ هنرمند بڻائي معاشري ۾ بااختيار بڻائي سگهجي ٿو.