اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب فارن فنڊنگ بابت ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ??يو آهي ته قانون موجب ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن ٻي پارٽي کي فنڊ نٿي ڏئي سگهي. ٽي وي چئنلز بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ فيڪ نيوز جو حصو نه ??ڻج??، ال??ڪش?? ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي جتي پي ٽي آءِ جي اڪائونٽن جي پڙتال ڪري رهي آهي ائين ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي اڪائونٽن جي به ڇنڊڇاڻ ٿي رهي آهي، هن ??يو ته اسان جي ماهرن جي جاچ موجب ن ليگ جا 9 اڪائونٽ اهڙا آهن جيڪي ال??ڪش?? ڪميشن کي ناهن ٻڌايا ويا انهن مان ڪروڙين روپين جي ٽرانز??ڪش?? ٿي آهي، سپريم ڪورٽ حنيف عباسي جي ڪيس ۾ ال??ڪش?? ڪميشن کي هدايت ڪئي هئي ته سڀني سياسي پارٽين جي اڪائونٽن جي بنا ڪنهن متڀيد جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، فرخ حبيب ??يو ته پيپلزپارٽي 2013ع ۾ 9 اڪائونٽس، 2014ع ۾ 11 ۽ 2015ع ۾ 10 اڪائونٽ لڪايا، پيپلزپارٽي وٽ 34 ڪروڙن جي عطين جو ڪو به رڪارڊ نه آ??ي، پيپلزپارٽي، پيپلزپارٽي پارليامينٽرين، ۽ پارليامينٽرين پيپلزپارٽي جا خرچ برداشت ڪن ٿيون، جيڪو غير قانوني آهي.