دبئي – 22 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊرامي، فلم ۽ ڊيجيٽل ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ڪهاڻي دنيا تائين پهچائي سگهجي ٿي، 1960ع جي ??ها??ي ۾ پاڪستان دنيا جو ٻيو وڏو ملڪ هو جتي وڏا سئنيما گهر موجود هئا جڏهن ته فلم سازي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ هو، ماضي ۾ فلم ۽ ڊراما انڊسٽري مناسب ڌيان نه ملڻ جي ڪري زوال جو شڪار ٿي، اسان فلم انڊسٽري کي بحال ڪيو، سئنيما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي، فلم انڊسٽري تي ٽيڪسن جو خاتمو ڪيو، دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستاني فلمن جي نمائش جي شروعات ڪرڻ جي ??قر??ب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت سئنيما گهرن تي خاص ڌيان ڏيندي بجلي جي اگهن ۾ رعايت سميت انهن تي لاڳو ٽيڪسن ۾ پڻ گهٽتائي ڪئي. هن چيو ته هن وقت سئنيما گهرن کي سستي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. چوڌري فواد حسين چيو ته حڪومت فلم انڊسٽري جي بحالي لاءِ پڻ قدم کنيا، فلم انڊسٽري تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته مقا??ي مواد جي حوصلا افزائي جي لاءِ پرڏيهي مواد تي ٽيڪسز هنيا، غيرملڪي ڊرا??ن تي ٽيڪس هڻڻ جو مقصد اهو هو ته اسان جا پنهنجا ماڻهو ڊرامن ۽ اشتهارن ۾ ڪم ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت سياحتي جايون موجود آهن جتي فلم سازي جي لاءِ اين او سي جي طريقيڪار کي پڻ آسان بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته دبئي ايڪسپو ۾ پاڪستان پويلين هيري وانگر آهي، هتي پي?? ڪيون ويندڙ پاڪستاني فلمون عالمي ڏسندڙن جي لاءِ آهن. واضح رهي ته ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پنهنجي بلاڪ بسٽر فلمن جي اسڪريننگ سان پنهنجي سئنيما کي فروغ ڏئي رهيو آهي. 26 فيبروري تائين هر جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن مجموعي طور تي 11 پاڪستاني فلمون پاڪستان پويلين ۾ پي?? ڪيون وينديون. افتتاحي ??قر??ب جي پهرين ڏينهن ”طيفا ان ٽربل“ جي اسڪريننگ ڪئي وئي. فلم اسڪريننگ جي لاءِ اداڪار علي ظفر ۽ اداڪاره حريم پڻ موجود هيون. اطلاعات واري وفاقي وزير فيٿو ڪاٽي پاڪستان پويلين ۾ فلمن جي نمائش جي شروعات ڪئي. افتتاحي ??قر??ب ۾ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.