بيجنگ – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين خطي جي امن، استح??ام ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو، ٻنهي ملڪن افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري تي فوري قدمن تي زور ڏنو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ سان بيجنگ ۾ عظيم عوامي هال ۾ ملاقات ڪئي. اها وزيرا??ظم عمران خان جي آڪٽوبر 2019ع ۾ چين جي دوري کانپوءِ پهرين ملاقات هئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين ٻطرفي تعاون جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ خوشگوار ماحول ۾ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيرا??ظم عمران خان بيجنگ ۾ 24 هين اولمپڪ سرمائي گيمز جي ڪامياب ميزباني تي چين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني ۽ چين جي نئين سال جي شروعات تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم عمران خان واضح ڪيو ته چين پاڪستان جو ثابت قدم دوست، ڀروسي جوڳو حامي ۽ مضبوط ڀاءُ آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدا بهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري سدائين آزمائش جو مقابلو ڪيو ۽ ٻئي ملڪ پنهنجي ويزن، خوشحالي، ترقي ۽ امن ۽ استح??ام جي گڏيل خواهش کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ گڏ بيٺل رهيا. وزيرا??ظم عمران خان چيني صدر کي عوام جي محور تي ٻڌل جيو اڪنامڪ سوچ ۽ ان جي حڪومت جي پاڪستان ۾ پائيدار ترقي، صنعتي ترقي، زراعت ۾ جدت آڻڻ ۽ علائقائي رابطن بابت پاليسين کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ چين جي تعا??ن ۽ مدد کي ساراهيو جنهن ۾ سي پيڪ جي اعليٰ معياري ترقي مان فائدو کنيو ويو آهي. وزيرا??ظم سي پيڪ جي ٻئي مرحلي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافي جي آجيان ڪئي جنهن جو محور انڊسٽريلائيزيشن ۽ عوام جي زندگي جي معيار ۾ بهتري آهي. وزيرا??ظم عمران خان چين جي صدر کي دنيا ۾ وڌندڙ قطبيت کان آگاهه ڪيو جنهن سان عالمي ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ سنگين خطرا پيدا ٿيا آهن. هن موسمياتي تبديلي، صحت، قدرتي آفتن ۽ وڌندڙ عدم برابري جهڙن چئلينجز کي پڻ اجاگر ڪيو جن سان رڳو گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن موجب سمورن ملڪن جي غيرمشروط تعاون کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ هن چيني صدر جي بيلٽ اينڊ روڊ ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشيٽيو کي ساراهيو جيڪو پائيدار ترقي ۽ هدفن جي ڪاميابي لاءِ گڏيل قدم قرار ڏنو وڃي ٿو. وزيرا??ظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ مسلسل ظلمن ۽ هندوتوا ذهنيت تي ٻڌل آر ??يس ايس، بي جي پي جي اقليتن جي خلاف ظلم ۽ ڏاڍ کي اجاگر ڪيو جيڪو علائقائي امن ۽ استح??ام جي لاءِ خطرو آهي. هن چيو ته ڀارت جي مسلسل فوج ڪشيءَ علائقائي امن جي لاءِ خطرو آهي. وزيرا??ظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري خطي ۾ امن ۽ استح??ام جو سهارو آهي. هن چين پاران پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سالميت، آزادي ۽ قومي ترقي جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. وزيرا??ظم عمران خان سمورن اهم معاملن تي چين جي مڪمل حمايت جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو. ڌرين ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان سان خطي ۾ معاشي ترقي ۽ رابطن کي فروغ ملندو. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ افغانستان جي فوري مدد ڪري. ٻنهي اڳواڻن صنعتي، خلائي ۽ ويڪسين جي فراهمي سميت ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن نئين دور ۾ گڏيل مستقبل جي لاءِ پاڪ چين ڪميونٽي جي تعمير جي عزم کي ورجايو. وزيرا??ظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.