اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ميئر پشاور جي چون??ن ۾ رد ڪيل 23113 ووٽن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته انهن چونڊن مان اهو واضح ٿي ويو آهي ته تبديلي جا م??ال?? اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي م??ال??ت ڇو ٿا ڪن، چونڊ نتيجن موجب جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 ووٽن جي فرق سان پي ٽي آءِ جي اميدوار کان کٽيو پر انهن چون??ن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بلدياتي چونڊن جي نتيجن هڪ ڀيرو ٻيهر ڊبل اسٽيمپنگ ۽ ٻين سببن جي ڪري رد ووٽن جي مسئلي جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. هن چيو ته 2013ع جي چونڊن تي جوڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ پڻ اها ئي ڳالهه سامهون آئي هئي. وزيراعظم چيو ته تبديلي جا م??ال?? انهي لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي م??ال??ت ڪن ٿا ڇو ته اهي م??ال?? ووٽن کي رد ڪرائي چون??ن ۾ هيراڦيري ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ ميئر پشاور جي اليڪشن جا چونڊ نتيجا پڻ شيئر ڪيا آهن جنهن موجب جي يو آءِ (ف) جي اميدوار انهن چون??ن ۾ 63610 جڏهن ته پي ٽي آءِ جي اميدوار 51523 ووٽ حاصل ڪيا، اهڙي طرح جي يو آءِ (ف) جو اميدوار 12087 ووٽن جي فرق سان کٽيو پر انهن چون??ن ۾ رد ٿيل ووٽن جو انگ 23113 آهي.