اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) پاڪس??ان ۽ ازبڪس??ان جي وچ ۾ ريلوي، سيڪيورٽي، ترجيحي واپاري معاهدي، موسمياتي تبديلي سميت 8 مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪس??ان جو صدر شوڪت مرزايوف پڻ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن جي موقعي تي موجود هئا. پاڪس??ان ازبڪس??ان ايم او يوز جي حوالي سان جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي موجب ازبڪس??ان جي قومي ٽيليويزن ۽ ر??ڊي?? ڪمپني ۽ پاڪس??ان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي وچ ۾ ٽيليويزن ۽ ر??ڊي?? براڊ ڪاسٽنگ جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي پاڪس??ان پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جڏهن ته ازبڪس??ان جي ثقافت واري وزير اوزود بيڪ نيزابيڪوف صحيحون ڪيون. ازبڪس??ان جي سياحت ۽ اسپورٽس واري وزارت ۽ پاڪس??ان جي مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي وچ ۾ مذهبي زيارتن جي سياحت جي فروغ لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪس??ان پاران مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري جڏهن ته ازبڪس??ان جي پرڏيهي معاملن واري وزير عبدالعزيز ڪاميلوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي پاڪس??ان پاران وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ۽ ازبڪس??ان جي نائب وزيراعظم ۽ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي واپار واري وزير سردار عمر زاڪوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود پاڪس??ان جڏهن ته سردار عمر زاڪوف ازبڪس??ان پاران صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ميپ تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪستا پاران قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف جڏهن ته ازبڪس??ان جي سلامتي ڪائونسل واري سيڪريٽري ويڪٽر مخمودوف صحيحون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ريلوي واري وزارت ۽ ازبڪس??ان جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جي وچ ۾ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون. پاڪس??ان پاران پاڪس??ان ريلويز جي سيڪريٽري ۽ چيئرمين حبيب الرحمان گيلاني جڏهن ته ازبڪس??ان پاران ٽرانسپورٽ واري وزير الخوم مخڪاموف صحيحون ڪيون. تاشقند سٽي ۽ اسلام آباد سٽي جي انتظاميا جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪيون ويون. پاڪس??ان پاران ايڊمنسٽريٽر ايم سي آئي حمزه شفقات جڏهن ته پاڪس??ان ۾ ازبڪس??ان جي سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون. ان کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ازبڪس??ان جي علائقي سرخندريه ۽ پاڪس??ان جي خيبرپختونخواهه صوبي جي وچ ۾ تعاون تي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪس??ان پاران خيبرپختونخواهه جي صنعت واري سيڪريٽري ذوالفقار علي شاهه جڏهن ته ازبڪس??ان پاران پاڪس??ان ۾ ازبڪ سفير اوبڪ عثمانوف صحيحون ڪيون.