اسل??م آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت آرٽيڪل A-63 جي تشريح لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 186 تحت ريفرنس فائل ڪرڻ جي فيصلو ڪيو آهي. سپريم ڪورٽ کان راءِ گهري ويندي ته جڏهن هڪ پارٽي جا ميمبر واضح طور تي ??ار?? ٽريڊنگ ۾ ملوث هجن ۽ پئسن جي بدلي وفاداريون تبديل ڪن ته انهن جي ووٽ جي قانوني حيثيت ڪهڙي آهي؟ چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اهڙا ميمبر جيڪي پنهنجون وفاداريون معاشي مفادن جي ڪري تبديل ڪن انهن جي نااهلي تاحيا?? هوندي يا کين ٻيهر چونڊ وڙهڻ جي اجاز?? هوندي؟ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڪئي ويندي ته ان ريفرنس کي روزاني جي بنياد تي ٻڌو وڃي.