اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ تي اسپيڪر جي رولنگ جي حوالي سان فيصلي ۾ شهادتون ۽ دستاويزن کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام جو واحد حل چونڊون آهن، اها ڳ??لهه هن سپريم ڪور?? ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، چوڌري فواد حسين ته اٽارني جنرل عدالت ۾ چيو ته ان ڪئميرا ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي جنهن ۾ هو سڀئي ثبوتن ۽ دستاويز ججن جي سامهون رکيا ويندا جنهن جي بنياد تي اسپيڪر ان نتيجي تي پهتو ته ??اڪستان ۾ حڪومت بدلائڻ جي عالمي سازش ٿي رهي هئي، هن چيو ته جج جيڪو به فيصلو ڏيندا ان موجب اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته ??لڪ ۾ سياسي بحران جي ڪري معاشي بحران پيدا ٿي ويو آهي، ڊالر به پنهنجي حد ڪراس ڪري چڪو آهي، جيڪڏهن عدم اعتماد طرف وڃون ٿا ته ??لڪ ۾ معاشي مسئلا وڌيڪ شدت اختيار ڪندا، هن چيو ته ??اڪستان ۾ معاشي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته ??لڪ ۾ سياسي استحڪام هجي، سياسي استحڪام لاءِ ضروري آهي ته چونڊون طرف وڃون، سياسي عدم استحڪام جو واحد حل چونڊون آهن