اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ يو اي اي جي ولي ع??د شهزاده محمد بن زيد النهيان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ۽ يو اي اي جي ڀ??ئر عوام کي ع??دالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم يو اي اي جي قيادت جي سٺي صحت ۽ ڀ??ئر اماراتي ع??ام جي امن ۽ خوشحالي جي ??اء?? نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. يو اي اي جي ولي ع??د وزيراعظم پاڪستان کي ع??د جي مبارڪباد ڏيندي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو. هن ٻنهي ڀ??ئر ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل ڊگهي مدي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم يو اي اي جي پنهنجي تازي دوري دوران ولي ع??د سان پنهنجي تفصيلي مشاورت جو حوالو ڏيندي پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار ميزباني تي ولي ع??د جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ م??اشي تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ??اء?? هو يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم پنهنجي يو اي اي جي تازي دوري جي فوري پوءِ گڏيل عرب امارات جو معاشي وفد موڪلڻ تي ولي ع??د جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ڀائرن عوام جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي. وزيراعظم ولي ع??د کي پنهنجي اولين فرصت ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي حصيداري ع??ل ۽ عالمي سطح تي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي ??اء?? ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.