اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) کي ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ شگر ملن مان وڏي مقدار ۾ کنڊ ??ري?? ڪندڙ غير رجسٽرڊ هول سيلرز، ڊيلرز ۽ ڊسٽريبيوٽرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ م??تس?? جي سفارشن کي کنڊ جي سڄي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهي هدايتون وفاقي ٽيڪس م??تس?? جي حڪمن جي خلاف ايف بي آر پا??ان داخل 25 هڪجهڙين درخواستن کي اڪلائيندي جاري ڪئي جنهن ۾ ايف بي آر کي هدايت ڪئي وئي ته کنڊ جي غير رجسٽرڊ ??ري??ارن کي وڏي پئماني تي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي ته جيئن سيل ٽيڪس جي وصولي کي بهتر بڻائي سگهجي، هن چيو ته مشاهدي ۾ آيو آهي ته وڏي مالياتي ڏي وٺ ڪرڻ، ايف بي آر سان پنهنجي ڊيٽا جي باوجود کنڊ جا اهي غير رجسٽرڊ ??ري??ار گهڻو ڪري ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر رهيا ۽ ٽيڪس جي ادائيگي جي قومي ذميداري کان بچي رهيا آهن، هن ايف بي ار کي هدايت ڪئي ته کنڊ جي غير رجسٽرڊ ??ري??ارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن انهن کان سيلز ٽيڪس جي وصولي ڪئي وڃي، صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غير رجسٽرڊ ??ري??ارن جي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس ناهن، ايف بي آر ملن کان ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارن تي مطئمن آهي، ڊيٽا جي جاچ نه پئي ڪئي وڃي، هن چيو ته ايف بي آر وٽ شگر ملن جي بئنڪ اڪائونٽس مان ڏي وٺ جا به تفصيل موجود آهن، صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز شگر ملن جي ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ڪري ??ري??ارن جا تفصيل حاصل ڪري سگهي ٿي، ايف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ غفلت ۽ نااهلي بدانتطامي جي برابر آهي، ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ م??تس?? جي سفارشن کي پوري کنڊ جي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي هدايت ڪئي ته هو 90 ڏينهن ۾ ٽيڪس م??تس?? کي عملدرآمد جي جامع رپورٽ پيش ڪري، صدر ايف بي آر جي وفاقي ٽيڪس م??تس?? جي هدايتن جي خلاف 25 درخواستون رد ڪندي چيو ته ايف بي آر وٽ ڊيٽا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کنڊ جا ??ري??ار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کنڊ جي وڏن ??ري??ارن ۽ غير رجسٽرڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، هن چيو ته کنڊ جا غير رجسٽرڊ ??ري??ار ٽيڪس ادائيگي جي قومي ذميداري ادا ??ه ڪري رهيا آهن، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته م??تس?? مختلف پرائيوٽ شگر ملن مان کنڊ جي غير رجسٽرڊ ??ري??ارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ جاچ جو آغاز ڪ??و هو، ان حوالي سان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شگر ملن وٽ کنڊ جي سپلائي ۽ ??ري??ارن جو رڪارڊ هجڻ جي باوجود ايف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان ناهي ڏنو. رپورٽ موجب ايف بي آر شگر ملن جي ڊِيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، م??تس?? ايف بي آر کي هدايت ڪئي هئي ته هو غير رجسٽرڊ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪري، جنهن تي ايف بي آر وفاقي ٽيڪس م??تس?? جي حڪمن جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي هئي.