اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير (اي جي ڪي) جي محتسب اعليٰ تي زور ڏنو آهي ته هو پاڪستان جي وفاقي محتسبن سان ويجهو رابطو قائم ڪري ته جيئن انهن جي مهارت مان فائدو کڻندي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ بهترين طرز عمل کي اختيار ڪري سگهجي. صدر اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمي?? جي محتسب چوڌري محمد نسيم سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير محتسب جو سيڪريٽري ابصار حسين جرال ۽ حڪومت جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. صدر چيو ته ڪم واري جڳهه تي عورتن کي هراساني کان محفوظ رکڻ جي لاءِ هراساني جي خاتمي واري وفاقي محتسب جي مينڊيٽ کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ پوئيواري ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڪم واري جڳهه تي هراساني جو شڪار عورتن کي انصاف فراهم ڪري سگهجي ۽ انهن جي وراثت ۽ ملڪيت جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمي?? جي محتسب کي خاص طور تي ٽ??ڪس عملدارن جي بدانتظامي، بئنڪنگ ۽ انشورنس فراڊ ۽ سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي معاملن ۾ آزاد ڄمون ۽ ڪشمي?? جي عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمي?? جي محتسب کي مشورو ڏنو ته هو عوام کي ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي شرط کانسواءِ پنهنجون شڪايتون آن لائين يا ٽيليفون جي ذريعي داخل ڪرڻ جي لاءِ جديد ترين انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ٽ??لز کي استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏئي پنهنجي پهچ کي وڌائي. صدر آزاد ڄمون ۽ ڪشمي?? جي مهتسب جي فيصلن جي پريس ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي تشهي?? جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن عام ماڻهن کي پنهنجي شڪايتن ۽ انهن جي ازالي جي حوالي سان حاصل حقن کان آگاهي ملي سگهي. هن محتسب کي مشورو ڏنو ته هو پنهنجي دائره اختيار ۾ ايندڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمي?? جي کاتن ۽ ادارن جي حوصلا افزائي ڪري ته اهي شڪايت ڪندڙن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ محتسب وٽ موڪلي. آزاد ڄمون ۽ ڪشمي?? جي محتسب صدر کي اداري جي ڪارڪردگي ۽ درپيش چئلينجن بابت آگاهه ڪيو. هن محتسب جي ڪارڪردگي ۽ فعاليت کي وڌائڻ جي لاءِ لاڳاپيل قانونن ۾ ترميم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو.