اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف کي 21 لک رپيا باهه جي انشورنس ادا ڪرڻ جي هدا??ت ۽ بدانتظامي ڪندڙ قرار ڏيندي وفاقي انشورنس محتسب جي فيصلي جي خلاف ايشيا انشورنس ڪمپني جي د??خو??ست رد ڪري ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪمپن?? باهه لڳڻ وقت آتشزدگي انشورنس کي لاڳو هجڻ کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڪمپن?? باهه سبب ٿيندڙ نقصان جو تعين ڪرڻ جي لاءِ سروي رپورٽ جا نتيجا به تسليم ڪيا آهن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته شارٽ سرڪٽ سبب لڳندڙ باهه سبب اٽڪل 21 لک رپين جو نقصان ٿيو، جڏهن ته صارف کي جائز رقم ادا نه ڪئي وئي. تفصيل موجب انشورنس ڪمپني لاهور ۾ طحيٰ محد انٽرپرائيز ک?? باهه لڳڻ جي وقت انشورنس پاليسي جو لاڳو نه هجڻ جو بهانو بڻائي ادائيگي کان انڪار ??يو?? جنهن تي شڪايت ڪندڙ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي انشورنس محتسب وٽ اپيل داخل ڪئي. محتسب شڪايت ڪندڙ جي دعويٰ کي تسليم ڪيو ۽ ڪمپني کي 30 ڏينهن ۾ ڪليم ادا ڪئي جيتوڻيڪ انشورنس ڪمپني فيصلي جي تعميل ڪرڻ بدران صدر کي د??خو??ست ڏني، جنهن کي صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر نجي انشورنس ڪمپني کي پنهنجي صارف ک?? باهه لڳڻ جي انشورنس ڪليم ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.