اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي علائقائ?? ۽ ??اخلي امن جي لاءِ افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ آئين جي دائري تحت ڪا??عدم ٽي ٽي پي سان ڳالهه ٻولهه جي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان عمل جي نگراني جي لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته ان ڳالهه کي ورجايو ويو آهي ته آئين پاڪستان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي، رياست پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي امين ۽ محافظ آهي. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اهم اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ و??ير??عظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرنامي موجب اجلاس ۾ قومي پارليامان?? ۽ ??ياسي قيادت، سينيٽ چيئرمين، قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي، دفاع بابت قومي اسيمبل?? ۽ ??ينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽين جي ميمبرن، وفاقي وزيرن، صوبائي وڏن وزيرن کانسواءِ گلگت بلتستان جي وڏي و??ير?? آزاد رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي و??ير??عظم ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي. اجلاس کي قومي سلامتي جي معاملن ۽ ڪا??عدم ٽي ٽي پي سان ٿيندڙ تازي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن ورجايو ته دهشتگرد?? ۽ ??نتهاپسندي جي خلاف پاڪستان غيرمعمولي ڪا??يابيون حاصل ڪيون آهن جن جو عالمي سطح تي اعتراف ڪيو ويو آهي. اجلاس قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن جي ڪري ملڪ جي سمورن حصن ۾ رياستي عملداري يقيني بڻجي. اجلاس ورجايو ته آئين پاڪستان تحت طاقت جو استعمال رڳو رياست جو اختيار آهي. اجلاس اي پي ايس سانحي سميت دهشتگردي جو نشانو بڻجڻ ۽ ان جي خلاف ڪارروائي دوران شهيد ٿيندڙن جي قربانين جو اعتراف ڪندي واضح ڪيو ته رياست پاڪستان پنهنجي شهيدن جي قربانين ۽ متاثر خاندانن جي امين ۽ محافظ هئي، آه?? ۽ ??هندي. اجلاس بهادر قبائلي عوام کي پڻ زبردست خراج تحسين پيش ڪندي اعتراف ڪيو ته انهن جي قربانين ۽ اهم حمايت سان شديد مشڪلاتن ۽ مصيبتن کانپوءِ امن ۽ استحڪام جي منزل حاصل ٿي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيڪيورٽي فورسز جون موثر ۽ عملي ڪارروايون ڪليئر، هولڊ، تعمير ۽ اختيارن جي سول انتظاميا کي منتقلي جي حڪمت عملي جو حصو آهن. اجلاس زور ڏئي چيو ته پاڪستان جي عوام جي خواهشن موجب رياست انهن علائقن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي خوشحالي جي لاءِ پڪي عزم تي قائم آهي. افغان حڪومت جي معاونت ۽ سول ۽ فوجي عملدارن جي قيادت ۾ پاڪستان حڪومت جي ڪميٽي ڪا??عدم ٽي ٽي پي سان آئين پاڪستان جي دائري جي اندر رهندي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي ته جيئن علائقائ?? ۽ ??اخلي امن کي استحڪام ملي سگهي. اجلاس قرار ڏنو ته حتمي نتيجن تي عملدرآمد آئين پاڪستان جي حدن جي اندر ضابطي جي ڪارروائي جي تڪميل ۽ پاڪستان حڪومت جي منظوري کانپوءِ ٿيندو. قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي ڳالهه ٻولهه جي ان عمل کي اڳتي وڌائڻ جي باضابطا منظوري ڏئي ڇڏي جڏهن ته پارلياماني اوورسائيٽ ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏني جيڪا آئيني حدن ۾ ان عمل جي نگراني جي ذميوار هوندي. اجلاس نيشنل گرينڊري ڪنسيلي ايشن ڊائيلاگ جي اهميت جي تائيد ڪندي قرار ڏنو ته اڄ جي ويهڪ ان رخ ۾ پهريون قدم آهي.