ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اقليتن بابت قومي ڪميشن (اين سي ايم) جي ميمبر ۽ پاڪستان هندو فورم جي صدر ڊاڪٽر جي پال ڇابڙيا چيو آهي ته دنيا کي ڀ??رت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو 5 آگسٽ جي سمورن غيرقانوني، هڪ طرفن قدمن ۽ آبادي ۾ تبديلين کي واپس وٺي جيڪي هن والاريل علائقي ۾ کنيا آهن. اها ڳالهه هن اي پي پي سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته عوام 5 آگسٽ کي استحصال ڏهاڙي طور مل??ائيندي ته جيئن ان ڏينهن ڀ??رت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت جي غيرقانوني خاتمي جي خلاف آواز بلند ڪري سگهجي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي عالمي برادري کي ياد ڏياريو ويندو ته ڪشمير هڪ تڪراري خطو آهي جنهن تي ڀ??رت سمورن عالمي قانونن کي نظرانداز ڪندي ۽ عوام جي خواهشن جي خلاف قبضو ڪري رکيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀ??رت والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۾ مل??ث آهي پر ڪشميرين رياستي دهشتگردي جي باوجود مزاحمت جاري رکي آهي. هن چيو ته قابض فوج اڪثريتي مسلم آبادي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ڀ??رت جا سمورا ارادا ناڪام ٿيندا ڇو ته 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري دهشتگردي جي وحشياڻي قبضي جي باوجود ڀ??رت ڪشميرين جي آزادي جي جذبي کي گهٽ نه ڪري سگهيو. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته اها سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي خودمختياري جو حق يقيني بڻائي.