اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي عالمي سطح تي مڃيل ڪش??ير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي غيرقانوني ??بضي هٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي آبادياتي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني ۽ هڪطرفا قدم کنيا. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ٽي سالن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائين اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته ڀارت والاريل ڪش??ير ۾ آبادياتي تبديلين کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪڌن منصوبن تي مسلسل عمل ڪري رهيو آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته ڀارت اهڙا جابراڻا قدم کڻي رهيو آهي جنهن تحت والاريل ڪش??ير ۾ مسلمان اڪثريت جي قيمت تي هندو اڪثريتي تڪ ٺاهيا ويا، غيرڪشميرين کي لکين جعلي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا ويا ۽ زمين ۽ ملڪيت بابت قانونن ۾ ترميمون ڪيون ويون آهن. هن چيو ته اهي قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي ۽ اها ڪشميرين جي جدا سُڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي ڪوشش کانسواءِ ڪجهه نه آهي. پرڏيهي و??ير چيو ته والاريل ڪش??ير ۾ 9 لک ڀارتي فوجين جي موجودگي ڪش??ير کي دنيا جي سڀ کان وڏي عسڪري زون ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته عدالت کان مٿانهين قتل، نظربندين، حقيقي ڪشميري قيادت کي قيد ۽ هراسان ڪرڻ سميت انساني حقن جي ٻين سنگين خلاف ورزين ذريعي ڪشميرين جي انساني ??صيبتن کي بهتر طريقي سان دستاويزي شڪل ڏني ??ئي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي مذمت ڪئي و??ي آهي. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين 650 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن، هلندڙ سال 130 کان وڌيڪ ڪشميري شهيد ڪيا ويا آهن.