اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي غير معمولي برساتن ۽ـ ٻوڏ جي تباهي درپيش آهي، ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ??ند??سين، عوام کي رليف ۽ بحاليءَ لاءِ قدم کنيا ويندا، گڏيل قومن جي هنگامي اپيل کان پوءِ عالمي برادري مدد ڪندي، نقصانن جو سروي ٿي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ دوست ملڪ اسان جي مدد ??ند??. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هي بارشون ماحولياتي تبديليءَ جو نتيجو آهن، ان سال بهار جي موسم ناهي آئي، سياري کان گرمين ۾ داخل ٿي وياسين. هن چيو ته جن علائقن ۾ برساتون نه ٿينديون هيون اتي 500 ڀيرا وڌيڪ برسات ٿي، جنهن سان انهن علائقن ۾ نقصان ٿيو ۽ تمام وڏ?? تباهي ڏسڻي پئي، ان قدرتي آفت کي مُنهن ڏيڻ لاءِ وفاقي حڪومت سڀني صوبن جي مدد ڪري رهي آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪ به ايتري وڏ?? تب??هي??َ کي مُنهن نٿا ڏئي سگهن، زر??ي فصل به تباهه ٿي ويا آهن، اڄ پرائيس مانيٽرنگ جو نظام قائم ڪيو آهي، ملڪ ۾ هفتيوار قيمتن جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته انتظاميه کي چيو ويو آهي ته ذخيره اندوزن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. افغانستان ۽ ايران مان بصر ۽ ٽماٽو آمدني واپار ٿي رهيو آهي، کاڄرو تيل جي قيمت گهٽ ??ند??سين، عالمي مارڪيٽ ۾ گيهه ۽ـ تيل جي قيمت گهٽ ٿي آهي، مل مالڪ فوري طور تي قيمتون گهٽ ڪن. هن چيو ته خوراڪ جون ضروري شيون آمدني واپار ??ند??سين. سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن جو مال ۽ خوراڪ جا ذخيرا تباهه ٿي ويا، سڄي بجيٽ ت?? نظرثاني ڪري رهيا آهيون. ترقياتي بجيٽ کي عوام جي ڀلائيءَ لاءِ استعمال ??ند??سين.