اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث بخش پاشا چيو آهي ته ملينيم ڊولپمينٽ گولز ۾ صحت، تعليم، هنرمندي، پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، پاڻي جي نيڪالي اهم موضوع آهن، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي بهتر تعليم ۽ هنر سيکارڻو پ??ند??، ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچائڻ بدقسمتي آهي، اسان کي زراعت ۽ ڳوٺاڻن علائقن جي ترقي تي ڌيان ڏيڻو پ??ند??. بين الپارلياماني يونين جي سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 65 سيڪڙو نوجوانن تي ٻڌل آهي، اسان کي پنهنجي نوجوانن جي لاءِ روزگار جي موقعن ۾ اضافو ڪرڻو پ??ند??، نجي شعبي سميت هر شعبي کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پ??ند??، انساني وسيلن تي سيڙپڪاري اسان جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هن وقت اسان ٻوڏ سا?? سڀ کان وڏي پئماني تي تباهي جو شڪار آهيون، 3 ڪ??وڙ 30 لک ماڻهو ان کان متاثر آهن، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصلون تباهه ٿي چڪيون آه??. ه?? چيو ته هن وقت ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ 6 لک کان وڌيڪ عورتون حاملا آهن جن مان 75 هزار وٽ هن ئي مهيني ٻار جي پيدائش متوقع آهي، ان جي لاءِ طبي سهولتون گهربل آه??. ه?? چيو ته ملڪ ۾ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن جي لاءِ آواز بڻجڻ جي ضرورت آهي، بدقسمتي سا?? ترقي جا ثمر غريب طبقي تائين نه پهچي سگها، ايشيائي خطي جو ٽيون حصو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي، اڄ هڪ سٺو موقعو آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ قدم کنيا وڃن، ايشيائي خطي ۾ 70ع جي ڏهاڪي ۾ غيرمعمولي ترقي ٿي.