اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊ??ر، مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود، منصوبابندي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، ريلوي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير سردار اسرار ترين، خصوصي معاونين طارق فاطمي، سيد فهد حسين، ظفرالدين محمود، جهانزيب خان ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيرا??ظم جي ??فد ۾ شامل آهن. 11 اپريل 2022ع تي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيرا??ظم شهباز شريف جو چين جو هي پهريون دورو آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف چين جي رياستي ڪائونسل جي ??زيرا??ظم لي ڪي چيانگ جي دعوت تي هي دورو ڪري رهيو آهي. ڪم??ونسٽ پارٽي چين جي ??يهين نيشنل ڪانگريس جي تاريخي انعقاد ۽ صدر شي جن پنگ جي ??يون ڀيرو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ کانپوءِ وزيرا??ظم شهباز شريف چين جو دورو ڪندڙ پهرين اڳواڻن ۾ شامل آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف جو دورو ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ قيادت جي سطح تي مسلسل رابطن جي ڪڙيءَ آهي. وزيرا??ظم شهباز شريف دوري دوران چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ٻنهي ملڪن جي ??زيراعظمن جي ??چ ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ٻنهي ملڪن جا قائدين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن پارٽنرشپ جو جائزو وٺندا. ملاقاتن ۽ اجلاسن ۾ علائقائي ۽ عا??مي سطح تي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. دوري سان ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ وسيع تر ٻطرفن لاڳاپن جي ايجنڊا تي اڳڀرائي متوقع آهي. دوري دوران مفاهمت جي ڪيترين ئي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ٿيڻ جا امڪان آهن. دوري سان پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي رفتار وڌيڪ وڌڻ جي اميد آهي. سي پيڪ جي حوالي سان گڏيل تعاون ڪم??ٽي (جي سي سي) جو 11 هون اجلاس 27 آڪٽوبر 2022ع تي منعقد ٿيو هو.