اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا تائين ٻوڙن ماڻهن جي پهچ جي ??يڪ?? 2022ع جي منطوري ڏئي ڇڏي. ??يڪ?? لاڳو ٿ??ڻ جي 6 مهينن کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي پاڪستان سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ نيوز بليٽن جي اجازت نه هوندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??يڪ?? تحت هڪ سال کانپوءِ ڪنهن به سرڪاري ۽ نجي اليڪٽرانڪ ميڊيا، نجي ٽي وي چينل، ڪيبل ٽي وي يا ڪنهن ٻي ميڊيا تي سائن لينگويج ترجمان کانسواءِ ڪنهن به پروگرام، اينٽرٽينمينٽ، اشتهار، ٽاڪ شو، ڊرامي، فلم يا ڪنهن به قسم جي تصويري پروگرام جي اجازت نه هوندي. سرڪاري ۽ نجي ميڊيا هائو??ز کي ??يڪ?? لاڳو ٿ??ڻ جي 6 مهينن جي اندر ??يڪ?? تي عملدرآمد جي لاءِ سائن لينگويج ترجمان مقرر ڪرڻو پوندو. ??يڪ?? پوري پاڪستان ۾ فوري طور تي لاڳو هوندو.