اسلام آباد – 16 – مارچ (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان آئين، قانون ۽ عدالت کان دهشتگردن وانگر ڀڄي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چ??و ته عمران خان بزدل دهشتگردن وارو ڪم ڪري رهيو آهي، جيئن دهشتگرد پوليس تي حملو ڪندا آهن، ٻارن ۽ عورتن کي ڍال بڻائيندا آهن ۽ انهن جي رت تي بليڪ ميلنگ ڪندا آهن. هن چ??و ته فارن ايجنٽ آئين، قانون ۽ عدالت کان دهشتگردن وانگر ڀڄي رهيو آهي، دهشتگرد رياست تي حملي آور آهي.