راولپنڊي – 22 – مارچ (اي پي پي) ڏکڻ وزيرس??ان جي علائقي انگور اڏا ۾ دهشتگردن سان مقابلي دوران شهيد ٿيندڙ برگيڊيئر مصطفي?? ڪمال برڪي جي جنازي نماز ريس ڪورس گرائونڊ راولپنڊي ۾ ادا ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب جنازي نماز ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي، وزيراعظم محمد شهباز شريف، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد م??زا?? چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سي?? عاصم منير، ڊي جي انٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل نديم احمد انجم، حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ جوانن، سرڪاري آفيسرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ عوام جي وڏي انگ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. آفيسر کي قوم جي لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ پوري فوجي اعزاز سان آرمي قبرس??ان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. پنهنجي پوري فوجي ڪيريئر دوران برگيڊيئر مصطفيٰ برڪي جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين ۾ سرگرم رهيو، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچس??ان ۾ دهشتگردي جي ڪيترن ئي نيٽ ورڪس کي ڪاميابي سان ختم ڪيو. هو اي پي ايس حملي 2016ع ۾ ملوث دهشتگرد نيٽ ورڪس تائين پهچڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو هو. قوم سندس زندگي ۾ شا??دا?? خدمتن ۽ پاڪس??ان جي لاءِ ڏني ويندڙ عظيم قرباني جو اعتراف ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪس??ان جي هٿياربند فوج ۽ انٽيلي جنس ايجنسيون دهشتگردي جي ان لعنت کي هر قيمت تي ختم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪن ٿيون.