اسلام آباد – 19 – اپ??يل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ڪويت ??ي وزيراعظم شيخ احمد نواف الصباح کي ٽيليفون ڪري عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني اهي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي رابطن ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهب??ز شريف ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي پاڪستان پاران انهن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن کي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ڪويت ??ي وزيراعظم وزيراعظم محمد شهب??ز شريف جي عيد جي مبارڪباد جو گرمجوشي سان جواب ??نو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ڪويت ۽ پاڪستان هلندڙ سال سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 60 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي مقصد سان انهن کي بهترين انداز ۾ ملهائڻ تي اتفاق ڪيو.