اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ب??لا??وس سان اقتصادي، زرعي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تعليم، ثقافت ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ب??لا??وس سان پن??نجي خوشگوار ۽ گهڻ رخي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان لاهور ۾ ب??لا??وس جي پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف ب??لا??وس جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪ??ي. پرڏيهي وزير سرگئي ايلينڪ وزيراعظم کي صدر لوڪا شينڪو جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو جنهن ۾ چيو ويو ته ب??لا??وس پاڪستان کي خطي جو هڪ اهم ملڪ سمجهي ٿو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ان جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. وزيراعظم ب??لا??وس جي پرڏيهي وزير کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. پاڪستان ۽ ب??لا??وس جي 2024ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 30 ??ين سالگرهه جي ڏس ۾ وزيراعظم مسلسل اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا ۽ ٻين سرگرمين جي آجيان ڪ??ي. ان سلسلي ۾ هن ب??لا??وس جي صدر کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.