گووا – 05 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، ڪشمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي، ڀارت جي هڪطرفي قدم سان لاڳاپا متاثر ٿيا، ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت آ??سٽ 2019ع ۾ هڪطرفو قدم کنيو جنهن سان مشڪلاتون پيدا ٿيون، ان قدم سان ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀارت جي شهر گووا ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته ضروري آهي ته آ??سٽ 2019ع جي هڪطرفي قدم کي ختم ڪيو وڃي، پاڪستان جو ڪشمير بابت موقف واضح ۽ ٺوس آهي، ڪشمير بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي. هن چي?? ته اسان جو سدائين کان موقف ره??و آهي ته ڀارت سان معمول جا لاڳاپا هجڻ گهرجن، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير بابت ڀارت کي 4 آ??سٽ 2019ع جي صورتحال ت?? واپس اچڻو پوندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس جي موقعي تي هن تنظيم جي ميمبر پرڏيهي وزيرن سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. هن چي?? ته پاڪستان ۽ ڀارت جي عوام امن چاهي ٿي، ڀارت کي ڳالهه ٻولهه لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته دهشتگردي جي ڪري پاڪستان شديد متاثر ٿيو، ايس سي او کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چي?? ته پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين ڀارت سان لاڳاپن کي معمول ت?? آڻڻ جي وڪالت ڪئي پر ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڀارتي هڪطرفي قدم ماحول کي نقصان پهچايو. هن چي?? ته 5 آ??سٽ 2019ع جي هڪطفي قدم سان نه رڳو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن پر ٻطرفن معاهدن جي پڻ خلاف ورزي ٿي آهي. هن چي?? ته ڀارتي خلاف ورزي سان اعتماد جي کوٽ پيدا ٿي آهي ڇ?? ته ڀارت مستقبل ۾ به هڪطرفي طور تي ٻطرفن معاهدن جي خلاف ورزي ڪري سگهي ٿو. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جي 20 سربراهه اجلاس جي ميزباني جي ڀارتي فيصلي بابت سوال ت?? پرڏيهي وزير چي?? ته اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. هن چي?? ته ڀارت کي جلد خبر پوندي ته هو 110 سيڪڙو حاضري حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ره??دو ڇ?? ته ٻيا پنهنجي اخلاقيات تي ٺاهه نه ڪندا. هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته بنا ڪنهن فرق جي ڀارتي پرڏيهي وزير جئه شنڪر سمورن پرڏيهي وزيرن جو اهڙي طرح استقبال ڪيو جيڪو سنڌ ۽ ملتان جي انداز سان ملندڙ جلندڙ آهي. هن ميڊيا کي ٻڌاي?? ته 2026ع ۾ پاڪستان سي ايف ايم جي سربراهي سنڀاليندو، اميد آهي ته ڀارت گڏيل سفارتي معاهدن جي بنياد تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چي?? ته ڀارت ۽ پاڪستان ۾ اڪثر ماڻهو امن سان رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ چاهين ٿا. هن چي?? ته اسان کي راندين کي سياست يا پرڏيهي پاليسي جو يرغمال بڻائڻ نه گهرجي. راندين جو مقصد اهو آهي ته توهان ان کي اهڙن مسئلن کان پري رکو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي چيئر طور پنهنجون ذميواريون نڀائڻ تي ڀارتي هم منصب کي ساراهيو. هن پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي انتظامي ۽ ثقافتي شو کي پڻ ساراهيو جنهن ۾ سمورن ميمبر ملڪن جي نمائندگي ڪئي وئي.