اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا جي پ??ڏيهي معاملن وارو مملڪتي وز??ر مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪندي پ??ڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو مملڪتي وز??ر ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هوندا. دور?? دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ا??اب?? جي وچ ۾ سڌوسنئون اڏامن جو افتتاح شامل آهي. ايٿوپيا جي پ??ڏيهي معاملن وارو وز??ر ۽ پاڪستان جي پ??ڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افتتاح ڪندا. سنڌ جو وڏو وز??ر ۽ ايٿوپيا جي پ??ڏيهي معاملن وارو مملڪتي وز??ر ايٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جو افتتاح ڪندا. دور?? دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ايٿوپيا جي وفد ج?? دوري سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.