اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جميعت علماءِ اسلام ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان م??جب ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تفصيلي مشاورت ڪئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران رياستي ادارن ت?? حملي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن سپر??م ڪورٽ جي تازي فيصل?? تي پڻ مشاورت ڪئي ۽ اڳتي جي حڪمت عمل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.