اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتحادي حڪومت جي فور آر فريم ورڪ تحت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحال?? ۽ ??ئين سر تعمير جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن گذريل ڏينهن عالمي پارٽنرز سپورٽ گروپ جي ٽئين اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ جاري بحال?? ۽ ??ئين سر تعمير جو جائزو ورتو ويو. گروپ جو اجلاس جيڪو جنيوا ۾ ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس ??ان??وءِ جوڙيو ويو هو، ان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي هڪ سال جي موقعي تي منعقد ڪيو ويو. ان ٻوڏ پاڪستان کي وڏو نقصان پهچايو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي تقرير ۾ مون ريزيليئنٽ، ريڪوري، ري هيبلي ٽيشن اينڊ ري ڪنسٽرڪشن فريم ورڪ (فور آر ايف) تحت ٻيهر بهتر بڻائڻ جي لاءِ مخلوط حڪومت جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مون سڀني عالمي ترقياتي عطيو ڏيندڙن، حصيدارن ۽ دوست ملڪن کي انهن جي وقت سر ۽ فراخدلاڻي امداد تي ساراهيو ۽ انهن کي عالمي شهرت جي ٽئين ڌر جي ذريعي آڊٽ ڪندڙ غيرملڪي امداد جي شفاف ۽ موثر استعمال جو يقين ڏياريو. هن چيو ته آئون يو اين ڊي پي جا پڻ ٿورا مڃان ٿو جنهن حڪومت ۽ عالمي برادر?? جي وچ ۾ ب??تر??ن هم آهنگي ۽ تعاون جو مظاهرو ڪيو.