اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران حڪومت واضح ڪيو آهي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين ۽ موجوده چونڊ قانونن تحت سمورين سياسي پارٽين کي عام چون??ن ۾ حصووٺڻ جو برابر حق حاصل آهي، نگران وزيراعظم جي ايسوسيئيٽيڊ پريس کي ڏنل انٽرويو ۾ ريمارڪس کي غلط رپورٽ ڪيو ويو. اطلاعات واري و??ار?? ايسوسئيٽيڊ پريس کي ڏنل انٽرويو جي اصل متن جو حوالو ڏنو جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته نگران وزيراعظم واضح طور تي اهو تجويز ڪ??ي رهيو هو ته چون??ن ۾ حصو وٺڻ هڪ حق آهي پر ڏوهن تي سزا قانوني طور تي جائز آهي. اطلاعات واري و??ار?? ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته انٽرويو جي هڪ حصي کي ٽوڙي مروڙي اهو تاثر ڏنو ويو ته ڪنهن مخصوص شخص کي عام چون??ن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. اطلاعات واري و??ار?? نگران وزيراعظم جي انٽرويو جي متن طرف ڌيان ڇڪرايو جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ”اسان ڪنهن کان ذاتي انتقام نه وٺي رهيا آهيون پر ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته قا??ون سڀني کان اهم آهي، ڀلي عمران خان هجي يا ڪو ٻيو سياستدان، ڪو به ملڪي قانونن جي خلاف ورزي ڪندو ته ان تي قا??ون لاڳو ٿيندو، اسان ان کي سياسي فرق جي برابر قرار نه ٿا ڏئي سگهون. هن چيو ته شفاف چونڊون عمران خان يا ان جي پارٽي جي انهن ميمبرن کانسواءِ به ٿي سگهن ٿيون جيڪي جيلن ۾ آهن ڇو ته اهي عمران خان جي مئي ۾ گرفتاري کانپوءِ ڀڃ ڊاهه ۽ لاءُ گهيراءُ سميت ٻين غيرقانوني سرگرم??ن ۾ ملوث هئا. انوارالحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته عمران خان جي پارٽي جا هزارين ماڻهو جيڪي غيرقانوني سرگرم??ن ۾ ملوث نه آهن اهي سياسي عمل ۽ چون??ن ۾ حصو وٺندا.“ اطلاعات واري و??ار?? پنهنجي ضابطي بيان ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پي ٽي آءِ ۽ ان جا اڳواڻ ڪنهن به ٻي پارٽي وانگر چون??ن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ آزاد آهن. اهو واضح ڪيو ويو آهي ته مجموعي طور تي پي ٽي آءِ يا پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ جي اليڪشن وڙهڻ ۾ ڪا رڪاوٽ نه آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هر شهري قا??ون آڏو برابر آهي ۽ قانوني الزام کي منهن ڏيندڙ ڪنهن به شخص جي حوالي سان قا??ون پنهنجو اختيار ڪندو. عدليه آزاد ۽ خودمختيار آهي ۽ نگران حڪومت وٽ نه ته عدالتن تي اثرانداز ٿيڻ جو ڪو اختيار آهي نه ئي وري اهڙو ڪو ارادو آهي. وڌيڪ واضح ڪيو وڃي ٿو ته ڪو شخص قانوني يا عدالتي فورم جي ڪنهن حڪم يا فيصلي کان متاثر ٿيو آهي ته ان کي ريليف جي لاءِ اڳئين عدالتي فورم سان رجوع ڪرڻ جو آئيني طور تي ضمانت مليل حق حاصل آهي. نگران حڪومت آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. نگران حڪومت چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ آئيني ۽ قانوني ڍانچي جي حمايت ڪندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ آزاد عدليه جي سمورن حڪمن ۽ هدايتن تي مڪمل عمل ڪيو وڃي.