لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وف??قي وزير مرتضيٰ سولنگي ريڊيو پاڪستان لاهور آفيس جو دورو ڪيو. اسٽيشن ڊائريڪٽر جاويد اختر ۽ ن??لي??اري اداڪار خالد عباس ڊار وف??قي وزير جو استقبال ڪيو ۽ گلدستو پيش ڪيو. اطلاعات واري وف??قي وزير ريڊيو جي عمارت ۾ قديم ترين ورثي جون شيون ڏٺيون ۽ انهن جو جائزو ورتو جڏهن ته پراڻو پيانو وڄائي سڀني ک?? حيران ڪري ڇڏيو. وف??قي وزير ريڊيو آفيس جي مخ??لف حصن بشمول ميوزڪ لائبريري، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز چينل جو دورو ڪيو ۽ نيوز اينڊ ڪرنٽ افيئرز لاهور ان سائيٽ پروگرام ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار پڻ ڪيو. هن ريڊيو اسٽاف جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ پراڻي مسئلن تي ٺوس بريفنگ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ انهن شڪايتن کي ختم ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ريڊيو اسٽيشن جي ڊائريڪٽر جاويد اختر وف??قي وزير کي ريڊيو پاڪستان جي ڪم بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ريڊيو پاڪستان لاهور جي لابي ۾ تاريخي گلوڪارن ۽ فنڪارن جون تصويرون پڻ لڳل آهن.