اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا??را??يل پاران سنگين جنگي ڏوهن جي ارتڪاب تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ا??را??يل هڪ اسپتال تي حملو ڪري سڀني عالمي ۽ اسلامي اصولن کي پائمال ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه ۾ اسپتال تي وحشياڻي ا??را??يلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي مارجي وڃڻ جي واقعي جي مذمت ڪئي. صدر جو ا??را??يلي فضائي حملي جي نتيجي ۾ م??صوم جانين جي نقصان تي پنهنجي شديد افسوس ۽ ڏک جو اظها?? ڪيو. صدر چيو ته ا??را??يل شهري آبادين ۽ صحت جي سهولتن کي بنا فرق جي نشانو بڻائي رهيو آهي، عالمي برادري ا??را??يل کي ان جي جنگي ڏوهن تي جوابده بڻائي ۽ ا??را??يلي بمباري ۽ غزه جي جاري گهيراءُ کي فوري طور تي روڪڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻي.