تاشقند – 09 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراه?? اجلاس جي موقعي تي آذربا??يج??ن جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لا??اپ?? خاص طور تي ٻطرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي 16 هين سربراه?? اجلاس جي موقعي تي جمهوريه آذربا??يج??ن جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لا??اپ?? خاص طور تي ٻطرفي واپار، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لا??اپ?? جو ذڪر ڪندي نگران وزيراعظم آذربا??يج??ن ايئرلائين جي پاڪستان جي لاءِ سڌوسنئون فلائيٽ آپريشن جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ ان کي ڪاروبار، سياحت ۽ ماڻهن جي وچ ۾ مٽاسٽا کي وڌائڻ جي لاءِ هڪ مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. نگران وزيراعظم ۽ آذربا??يج??ن جي صدر اسلامو فوبيا ۽ موسمياتي تبديلي سميت ٻين گڏيل چئلينجز، علائقائي تعاون ۽ گڏيل خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اي ??ي او جي اهم ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ انساني بحران ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي تازه ترين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم آذربا??يج??ن جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي خاص طور تي ڪاراباغ جي حوالي سان پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.