اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته جڏهن قومون علم، ??نصاف ۽ طاقت جي ??نياد تي اڀرن ٿيون ته ڪاميابي انهن جا قدم چُمندي آهي، سدائين علم جا اُڃيا رهندڙ حقيقي منزل تائين پهتا آهن، ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار جي لاءِ عورتن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لازمي آهي. هو عالمي اسلامي يونيورسٽي جي 12 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو ??و. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي ??فير نواف سعيد المالڪي، قطر جي ??فير شيخ سعود العبدالرحمان الثاني، صدر عالمي اسلامي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر هذال حمود العقيبي، پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد بن سالم، ??يڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ثمينه ملڪ سميت مختلف ملڪن جي ??فارتڪارن، تعليمي ماهرن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي لاءِ خوشي جو موقعو آهي ته اڄ جي ڏينهن جڏهن شاگرد ۽ شاگردياڻين جي ڪاميابي جي ڏينهن جي موقعي تي انهن کي مخاطب ٿي رهيو آهيان، اها به خوشي جي ڳالهه آهي ته تعليم جي ??عبي ۾ نالو رکندڙ 114 محنتي استاد، 50 شعبن ۾ 94 ڊگري پروگرامن ۾ 34 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم سان ليس ڪري رهيا آهن. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي علم حاصل ڪرڻ کانپوءِ خاندان جي ??ارسنڀال سان گڏوگڏ ملڪي تعمير ۽ ترقي ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، علم حاصل ڪرڻ اهو آهي ته جن عورتن حاصل ڪيو اهي اڳتي پهچي وڃن.هن چيو ته اڄ گريجوئيٽ ٿيندڙ ٻارن ۽ ٻارڙين جو ڪردار ايندڙ نسلن جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکندڙ آهي. صدر چيو ته معاشري کي ان ڳالهه جي ??ه آجيان ڪرڻ گهرجي ??ه عورتون جيڪي عملي زندگي ۾ اچن ٿيون، انهن کي هراسان ٿيڻ کان بچائڻ معاشري ۽ رياست ٻنهي جي ??ميواري آهي، ان سان گڏوگڏ ڪجهه وقت جي لاءِ عملي زندگي سان جدا ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر عملي زندگي ۾ ايندڙ عورتن جي ??ه حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اها به هڪ حقيقت آهي ته 50 سيڪڙو عورتون تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ گهرن ۾ ويهي رهن ٿيون، عورتن کي بزنس طرف به وڃڻو پوندو، اسلامي معاشري ۾ حضرت خديجه جو بطور بزنس وومين مثال اسان سڀني جي لاءِ هڪ بهترين نمونو آهي، اسان جو مذهب عورتن جي هر مرحلي تي حوصلا افزائي ڪري ٿو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته علم هڪ امانت آهي، استادن انهن شاگردن تي علم جا دروازا کوليا آهن. هن پوپ کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن به اسرائيل کان جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته اسرائيل ۽ اولهه ان جي لاءِ بلڪل تيار نه آهي، دنيا جو اسرائيل جو ساٿ ڏيڻ جو ڪو جواز نه آهي. هن چيو ته اسرائيل معصوم فلسطينين تي ايترا ظلم ڪري رهيو آهي جنهن جو ڪو مثال نه ٿو ملي. هن مثال ڏنو ته سلطنت عثمانيه تائين جيڪڏهن مسلمانن جي ڪاميابين تي نظر وجهون ته ان ۾ به علم جا دروازا کليل ملندا، علم هڪ امانت طور ملي ٿو ان کي اڳتي وڌائڻ هڪ لازمي ڳالهه هوندي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مسلمانن جي ??اريخ کڻي ڏسو ته اسان کي جيترا به قانون ملندا اهي معاشري مان ٺهيل ملندا، رياست جو ڪم رڳو قاضي فراهم ڪرڻ هو، قاضي فيصلا قرآن ۽ سنت جي ??وشني ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته قرآن ۽ سنت ۾ همدرديءَ ۽ درگذر جو بنيادي اخلاقي درس ملي ٿو، اتحاد ۾ به درگذر اهم هوندو آهي. عالمي اسلامي يونيورسٽي جي ??در پروفيسر ڊاڪٽر هذال حمود العقيبي 26 – 2022ع اسٽريٽجڪ پلان تي روشني وجهندي ٻڌايو ته ان پلان جي ??وشني ۾ اسان يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل کي جديد بڻائڻ جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن. اسان سعودي حڪومت جا به ٿورائتا آهيون جهن اسان جي ??رچن کي معقول بڻائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي کي اليڪٽرانڪ نظام تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ ڪئمپس مئنيجمينٽ پراجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو ??يو آهي ان سان گڏوگڏ ڪوالٽي ڊپارٽمينٽ کي ڪوالٽي اينڊ ڊيولپمينٽ ڊائريڪٽوريٽ ۾ تبديل ڪيو ??يو آهي. عالمي اسلامي يونيورسٽي جي ??يڪٽر ڊاڪٽر ثمينه ملڪ چيو ته يونيورسٽي ۾ 14 پيشيواراڻي شعبن ۾ تعليم ڏني پئي وڃي جنهن سان هن يونيورسٽي جو ڳاڻيٽو دنيا جي ??هترين يونيورسٽين ۾ ٿي چڪو آهي. پرووائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد بن سالم گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏني.