اسلام آ??اد – 23 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي هدايت ڪئي آه?? ته اشتهارن جي مد ۾ اخبارن ج?? رهتن جي ادائيگي يقيني بڻ??ئي وڃي ۽ ان جي لاءِ سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن سان به فوري رابطو ڪيو وڃي، هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ ۽ ٻين قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچ?? رهيو آه?? جنهن جي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آه??، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عملي جي اهميت کي عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آل پاڪستان نيوز پي??رز سوسائٽي جي وفد ملاقات ڪئي. وفد سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته گڊ گورننس کي يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آه??. هن چيو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آه?? ۽ معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي زهني ۽ فڪري تربيت ۾ انته??ئي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام، بجلي چوري جي تدارڪ ۽ ٻين قدمن سان عام ماڻهو کي فائدو پهچ?? رهيو آه?? جنهن جي آگاهي وڌائڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي استحڪام جي حڪمت عملي جي اهميت کي عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار اد اڪري سگهي ٿي. نگران وزيراعظم اخباري صنعت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اشتهارن جي مد ۾ اخبارن ج?? رهتن جي ادائيگي يقيني بڻ??ئي وڃي ۽ ان جي لاءِ سمورين وفاقي وزارتن ۽ ادارن سان پڻ فوري رابطو ڪيو وڃي. اي پي اين ايس جي وفد ۾ صدر ناز آفرين، سيڪريٽري جنرل سرمد علي، فنانس سيڪريٽري شهاب زبيري شامل هئا. ان موقعي تي اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا.