اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسان ڀارت ??ي سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي غيرقانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ان معاملي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ خصوصي طور تي شرڪت ڪندس. هن اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس مل??قا?? ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب مل??قا?? ۾ ڀارت جي غيرقانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان معاملي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو خصوصي اجلاس طلب ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خصوصي طور تي شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته اسان ڀارت ??ي سپريم ڪورٽ پاران ڀارتي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت بابت فيصلي کي واضح طور تي رد ڪريون ٿا، ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي حل طلب آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي مستقبل جو فيصلو گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ٿيڻ گهرجي، ڀارت کي ڪشميري عوام جي مرضي ۽ عالمي قانونن ۽ انصاف جي گهرجن جي خلاف ان تڪراري علائقي جي حيثيت بابت هڪطرفو فيصلو ڪرڻ جو ڪو حق نه آهي. هن چيو ته ڀارت پنهنجي نام نهاد قانونسازي ۽ عدالتي فيصلن جي آڙ ۾ پنهنجي عالمي ذميوارين کان دستبردار نٿو ٿي سگهي، 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانو??ي قدم جو مقصد غيرقانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي آبادياتي ڍانچي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ آهي، جيڪو عالمي قانون ۽ گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانو??ي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي انهن جي ف??ح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي پنهنجي مڪمل سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.