??سل??م آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان پاڪستان ۾ تاجڪستان جي سفير عصمت الله نصرالدين الوداعي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عصمت الله نصرالدين جي پاڪستان تاجڪستان لاڳاپن جي فروغ جي لاءِ ڪردار ک?? ساراهيو. نگ??ان وزيراعظم تاجڪ سفير مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو. هن اميد ظاهر ڪئي ته تاجڪستان مان ايندڙ سفير به اهڙي طرح ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. تاجڪ سفير عصمت الله نصرالدين پاڪستان تاجڪستان جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پراڻو ۽ تاريخي قرار ڏنو. تاجڪ سفير پاڪستان ۾ پنهنجي قيام کي يادگار ۽ پاڪستاني مهمان نوازي ک?? ساراهيو. تاجڪستان جي سفير نگ??ان وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن تي سندس ٿورا مڃيا.