ڪراچي-08 فيبروري (اي پي پي)ڪراچي ۾ عام چونڊن 2024ع لاءِ پولن?? پرامن انداز ۾ جاري رهي، جتي 90 لک کان وڌيڪ ووٽرز 22 قومي ۽ 47 ??وب??ئي تڪن تي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري نمائندن جي چونڊ ڪندا. پولنگ اليڪشن ڪميشن جي مقرر ڪيل وقت صبح 8 وڳي کان شروع ٿي ۽ شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهي. چونڊن جي پولنگ لاءِ سياسي پا??ٽين طرفان ووٽرن کي سندن ووٽ بابت آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ لڳايل ڪيمپن تي وقت گذرڻ سان گڏوگڏ ووٽرز جو انگ وڌندو پيو وڃي، ڪراچي ۾ قومي اسيمبلي جي 22 ۽ سنڌ اسيمبلي جي 47 سيٽن لاءِ 1995 اميدوار ميدان ۾ آهن، ڪراچي جي پولنگ اسٽيشنن جي قيام لاءِ 2779 عمارتون حاصل ڪيون وي??ن آهن، انهن عمارتن ۾ مجموعي طور تي 5342 پولنگ اسٽيشن ٺاهيون وي??ن، 3038پولنگ اسٽيشنون انتهائي حساس قرار ڏنيون وي??ن آهن. ڪرچي ۾ صرف 128 پولنگ اسٽيشنون نارمل آهن.