اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه م??لانا فضل الرحمان چيو آهي ته جي يو آءِ پنهنجو پارلياماني ڪردار ادا ڪندي، اسان پارليامينٽ ۾ پنهنجي پارلياماني حيثيت سان وينداسين ۽ پنهنجو آواز بلند ڪنداسين، اسان اسيمبليون نه ڇڏي رهيا آ??يون. جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي مجلس عامله کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان پنهنجو مؤقف ڏئي رهيا آ??يون، منهنجو بيان مرڪزي مجلس عامله جو بيان آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان ڪنهن به پارٽيءَ سان اتحاد ۾ ناهيون. هن چيو ته اسان جا خدشا آ??ن پر اسان اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ڪئي ته اسان اسيمبليون ڇڏي رهيا آ??يون، اسيمبلين ۽ چونڊ نتيجن بابت اسان جو مؤقف واضح طور تي اچي ويو آهي ان تي ڪو ابهام ناهي. هن چيو ته مرڪزي مجلس عامله جي يو آءِ جي مرڪزي مجلس عمومي کي سفارش ڪئي آهي ته اها جمعيت جي پارلياماني سياست جي باري ۾ فيصلو ڪري، ان سلسلي ۾ چئني صوبائي مجلس عمومي جا اجلاس صوبن جي مرڪزي هنڌن تي سڏايا ويندا ته جيئن مرڪزي مجلس عامله جي فيصلن جي باري ۾ صوبن کي به اعتماد ۾ وٺي سگهجي. هن چيو ته اسان 22 فيبروريءَ تي اسلام آباد ۾، 25 فيبروري تي بلو??ست??ن ۾ پنهنجي صوبائي جنرل ڪائونسل سان، 27 فيبروري تي اسان ڪي پي ڪي خاص طور تي فاٽا ۾ جنرل ڪائونسل سان، 3 مارچ تي اسان ڪراچي ۾ سنڌ صوبي جي جنرل ڪائونسل سان ۽ 5 مارچ تي لاهور ۾ پنجاب جي جنرل ڪائونسل سان ملاقاتون ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ سان اسان جا اختلاف ڪنهن کان لِڪل ناهن پر ايوان ته سڀني جو هوندو آهي. هن چيو ته جي يو آءِ هڪ نظرياتي قوت آهي، ملڪ جي داخلي نظام ۽ ع??لم?? مسئلن تي ڪنهن مصلحت يا سمجهوتي جو شڪار نه ٿيندي ۽ وسيع مشاورت ڪئي ويندي، اسان افغا??ست??ن ۾ امارات اسلاميه جي استحڪام ۽ پاڪستان افغا??ست??ن جي پُرامن لاڳاپن جي حوالي سان ڪردار ادا ڪيو آهي. جي يو آءِ اسرائيل جي رياستي دهشتگردي خلاف فلسطينين جي مؤقف جي حمايت ڪئي آهي. ان موقعي تي سينيٽر عبدالغفور حيدري، اڪرم خان دراني ۽ ٻيا به م??جود هئا.