اسلام آباد – 26 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آه?? ته حڪومت ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ صوبن ??ي لاءِ 25 ارب رپيا ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپين جو پراجيڪٽ منظور ڪيو آه??. سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس جيڪو تعليم واري وزارت جي ماتحت اد??رو آه??، ملڪ ۾ هر 5 سالن کانپوءِ سروي ڪرائي ٿو ته ڪيترا ٻار اسڪول ک??ن ٻاهر آه??، گذريل سروي 17 – 2016ع ۾ ٿي هئي. ان کانپوءِ 22 – 2021ع ۾ سروي ڪئي جنهن ۾ رڳو اسلام آباد جا انگ اکر سامهون رکندي 81 هزار ٻارن مان 71 هزار ٻار واپس اسڪولن ۾ اچي ويا هئا جنهن جو تناسب 86 سيڪڙو بڻجي ٿو. هن چيو ته صوبن کي ان حوالي سان فعال ڪردار اد?? ڪرڻ گهرجي، 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم جو شعبو صوبن ڏانهن واپس هليو ويو آه?? ۽ هاڻي اها انهن جي ذميواري آه?? ته اهي اسڪولن مان جيترا ٻار ٻاهر آه?? انهن کي واپس آڻين. هن چيو ته وفاقي حڪومت پوري ملڪ ۾ تعليم جي شرح کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پي ايس ڊي پي تحت 25 ارب رپيا رکيا آه?? ۽ اسلام آباد جي لاءِ 70 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آه??.