اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)توانائي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ عهدي جو چارج سنڀالي ورتو. وزارت آمد تي سيڪريٽري پيٽروليم مؤمن آغا ۽ ٻين آفيسرن وفاقي وزير جو استقبال ڪيو. ??ن موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ع??ام جي سهولت موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سحري ۽ افطار جي وقتن ۾ بجلي ۽ گيس جي ف??اه??ي يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته گردشي قرضن جي پائيدار حل لاءِ تجويزن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. گيس ۽ معدنيات جي شعبن ۾ مقامي ۽ پرڏ??هي سيڙپڪاري جي سهولت ڪئي ويندي. مشڪل حالتن باوجود حڪومت جي پاليسين جو محور ع??ام آهي. آفيسرن طرفان وفاقي وزير کي بريفنگ ڏني وئي.