اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪس??ان ۽ ترڪيه جي و?? ۾ ??وامي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ روڊ ۽ ريل ٽرانسپورٽ کي وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهو اچ وڃ جو سستو ذريعو آهي جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن جي و?? ۾ ??ابطا وڌندا پر ٻطرفي اقتصادي لاڳاپ?? ۾ ??ه اضافو ٿيندو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چيف آف ترڪ جنرل اسٽاف جنرل متين گورڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا ۽ پاڪستا?? ۾ ??رڪيه جو سفير ڊاڪٽر ??هم?? پاچاجي پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. صدر وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪس??ان ترڪيه سان گڏيل مفاد جي سمورن شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن ٻن ڀائر ملڪن جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ٻطرفي ثقافتي مٽاسٽا خاص طور تي ادب ۽ شاعري جي شعب?? ۾ ??ضافي جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ترڪيه پاڪس??ان جو مخلص دوست آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن کي ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪندي وڌيڪ چيو ته پاڪ ترڪ لاڳاپا اعليٰ سطح جي مٽاسٽا جي ڪري وڌيڪ بهتري طرف گامزن آهن. ان کان اڳ ايوان صدر ۾ منعقد هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري پاڪس??ان ۽ ترڪيه جي و?? ۾ ??فاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي لاءِ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ ترڪيه جي چيف آف اسٽاف جنرل متين گورڪ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو.