اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موذي مرضن کان بچاءُ، آبادي جي ڀل??ئي ۽ صحت جي مسلئن جي خاتمي لاءِ هڪ جامع منصوبو جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ ٻ??رن جي بهترين واڌويجهه ضروري آهي، حڪومت ٻارن جي بهترين واڌويجهه جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻندي، صوب??ئي حڪومتن کي پروگرام جي حوالي سان مشاورت ۾ شامل ڪيو وڃي، موذي مرضن جي خاتمي ۽ انهن جي ڦهلاءُ کي روڪن جي لاءِ جامع پلان جوڙڻ ۽ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ جي لاءِ پڻ هڪ حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌر??ئي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ عالمي ماهرن جو ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽت??ئي جي خاتمي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم اجلاس ۾ شريڪ عالمي ادارن جي نمائندن ۽ ماهرن جا ٿورا مڃيا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي عالمي بئنڪ پاران پاڪستان ۾ ٻ??رن جي واڌويجهه جي حوالي سان انگن اکرن تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ ٻ??رن جي هڪ وڏي انگ کي واڌويجهه جي گهٽت??ئي جو خ??رو آهي. سببن تي روشني وجهندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بنيادي صحت جي ناڪافي سهولتن، ضروري غذ??ئي جزن جي کوٽ، آلوده پاڻي جو استعمال، ناڪافي صف??ئي سٿر??ئي ۽ واڌويجهه جي حوالي سان آگاهي نه هجڻ ٻارن جي واڌويجهه ۾ گهٽت??ئي جا وڏا سبب آهن. اجلاس کي انهن سببن جي خاتمي لاءِ تجويزن کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ اجلاس کي ٽي بي، هيپاٽائيٽس، ذيابيطس ۽ ٻين موذي بيمارين جي حوالي سان پڻ پاڪستان جا انگ اکر پيش ڪيا ويا ۽ انهن کي روڪڻ جي لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي فوري طور تي قومي سطح تي ان حوالي سان هڪ جامع منصوبو ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد خان چيما، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر ملڪ مختار احمد ڀرت، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن، ورلڊ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بينهسن ، يونيسيف ۾ پاڪستان جي نمائندي عبدالله فاضل، عالمي غذ??ئي پروگرام جي پاڪستان ۾ نمائندي ڪوڪو اوشييامه ۽ ٻين عالمي شهرت رکندڙ ماهرن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز، ڊاڪٽر ذوالفقار علي ڀٽا، ڊاڪٽر ساجد صوفي، ڊاڪٽر اعجاز نبي ۽ لاڳاپيل شعبي سان تعلق رکندڙ عالمي شهرت يافته ماهرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.