ابوظهبي – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪاري ۾ اضاف?? جي لاءِ ترجيحي ??ني??دن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪو??ت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت فراهم ڪري ملڪ ۾ نجي شعب?? جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين ابوظهبي فنڊ فار ڊيولپمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل محمد سيف السُويدي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ تعاون جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم حڪومت پاران معاشي ??ست??ڪام جي لاءِ سڌاراجاتي قدمن تي روشني وڌي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻ??ل آهن، گڏيل عرب امارات جي قيادت خاص طور تي شيخ محمد بن زيد النهيان جا ٿورائتا آهيون جنهن سدائين پاڪستان جي مشڪل وقت ۾ مدد ڪئي. هن چيو ته حڪومت پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ اضاف?? جي لاءِ ترجيحي ??ني??دن تي قدم کڻي رهي آهي، حڪو??ت ڪاروبار دوست پاليسين ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ڏئي ملڪ ۾ نجي شعب?? جي ترقي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته اماراتي ڪمپنين جي پاڪستاني ڪمپنين سان تعاون سان ٻنهي ملڪن جي واپاري لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. ملاقات ۾ وزيراعظم ابوظهبي فنڊز فار ڊيولپمينٽ جي وفد کي پاڪستان اچڻ جي دعوت پڻ ڏني.