راولپنڊي-30 مئي (اي پي پي) فارميشن ڪمانڊرز ??ان??رنس افغانستان جي سرحد پار کان لڳاتار ڀڃڪڙين ۽ افغان ڌرتيءَ کي استعمال ڪندي دهشتگردي جي رٿابنديءَ تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ??ه پاڪستان جا دشمن پاڪستان اندر سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ لا??ِ افغانستان کي استعمال ڪري رهيا آهن. ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ لا??م آهي ??ه 9 مئي جي منصوبه سازن، مجرمن ۽ انهن جي حوصله افزائي ڪندڙن ۽ سهولتڪارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو، قان??ن جي عملداريءَ کي قائم ڪرڻ ۽ 9 مئي جي مجرمن خلاف فوري ۽ شفاف عدالتي ۽ قانوني ڪارروائي بنا ملڪ اهڙن سازشي عنصرن هٿان هميشه يرغمال ٿيندو رهندو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي ( آءِ ايس پي آر) مطابق پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير جي صدارت هيٺ 83 هين فارميشن ڪمانڊرز ??ان??رنس خميس ڏينهن هتي جي ايڇ ڪيو راوالپنڊي ۾ منعقد ٿي. ??ان??رنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ڪمانڊرز شرڪت ڪئي. فورم ۾ شرڪت ڪندڙن شهيدن جي روح کي ثواب لا??ِ فاتحه خواني ڪئي. فورم ملڪ جي حفاظت، سلامتي ۽ خودمختياريءَ لا??ِ هٿياربند فوج جي آفيسرن ۽ جوانن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پاڪس??ان?? شهرين سميت شهيدن جي عظيم قربانين کي زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪيو. فورم کي جيو اسٽريٽجڪ حالتن، قومي سلامتي لا??ِ اُڀرندڙ چئلينجز ۽ ملٽي ڊومين خطرن کي مُنهن ڏيڻ لا??ِ پاڪ فوج جي حڪمت عملي بابت آگاهه ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن کي پاڪ فوج کي جديد بڻائڻ ۽ فيلڊ فارميشنز لا??ِ لا??جسٽڪ سپورٽ کي بهتر بڻائڻ لا??ِ نئين فني تخليق بابت بريفنگ ڏني وئي. فورم دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ نئين ضم ٿيل ضلعن جي عوام جي قربانين جو اعتراف ڪيو. فورم دهشتگرديءَ کي فيصلائتي شڪست ڏيڻ لا??ِ نَون ضم ٿيل ضلعن جي ترقيءَ جي اهميت تي به زور ڀريو. فورم بلوچستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقيءَ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن پرڏيهي ??ور پروپيگنڊا ڪندڙن جو مقابلو ڪري سگهجي. فورم جو چوڻ هو ته پروپيگنڊا ڪندڙن جي پٺڀرائي ڪندڙ پرڏيهي ??سپانسرڊ پراڪسيز ذريعي ڪئي وئي آهي ??ه جيئن بلوچستان جي نوجوانن کي امن ۽ ترقيءَ کان پري رکي سگهجي. فورم اوڀر سرحد تي موجودهص ورتحال ۽ ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ معصوم ڪشميرين جي عدالت کان مٿاهين قتل جي تازن واقعن جو جائزو ورتو. فورم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب حقِ خوداراديت لا??ِ ڪشميرين جي منصفاڻي جدوجهد ۾ مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم ڀارت ۾ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لا??ِ وڌندڙ فاشزم تي اقليتن خاص طور تي مسلمانن سان انسانيت سوز سلوڪ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو. فورم فلسطيني عوام سان مڪمل يڪجهتيءَ جو اظهار ڪندي غزه ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۽ جنگي ڏوهن جي مذمت ڪئي. فورم غزه اندر رفح آپريشن ۽ ٻين سمورن آپريشنن کي روڪڻ لا??ِ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي حمايت ڪئي. ??ان??رنس ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته رياستي ادارن خاص طور تي پاڪ فوج جي خلاف جاري شده ڊجيٽل دهشتگردي، ناپاڪ سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لا??ِ پرڏيهي ??هولتڪارن جي مدد سان ڪئي پئي وڃي، انهن جو مقصد ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ذريعي پاڪس??ان?? عوام ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ ۽ قومي ادارن خاص طور تي پاڪ فوج ۽ عوام جي وچ ۾ وڇوٽيون پيدا ڪرڻ آهي. شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪس??ان?? قوم ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا ڪندڙن جي ناپاڪ ۽ مڪروه ارادي کان پوريءَ ريت باخبر آهي ۽ سندن ناپاڪ ارادن کي مڪمل ۽ يقيني شڪست ڏني ويندي. فورم جٽادار اقتصاي ترقي ۽ غير قانوني سرگرميون بشمول اسمگلنگ، ذخيره اندوزي، بجلي چوريءَ کي روڪڻ، ون ڊاڪيومينٽ رجيم، غير قانوني پرڏيهين جي ملڪ مان عزت سان واپسيءَ سميت قومي ڊيٽا بيس جي حفاظت لا??ِ مختلف شعبن ۾ حڪومت جي قدمن جي مڪمل حمايت ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. آرمي چيف مختلف مشقن دوران فارميشنز جي اعليٰ ۽ معياري تربيت ۽ دهشتگرديءَ جي خاتمي واري ڪاررواين ۾ آفيسرن ۽ جوانن جي شاندار ڪاڪردگيءَ جي واکاڻ ڪئي. آرمي چيف فارميشنز جي بلند حوصلي ۽ هر وقت آپريشنل تيارين جي به تعريف ڪئي. شرڪت ڪندڙ حاضر سروس، رٽائرڊ آفيسرن ۽ جوانن جي تربيت، انتظاميه ۽ فلاح ۽ بهبود لا??ِ فوجي سطح تي کنيل قدمن تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. فورم يومِ تڪبير تي پاڪستان طرفان حاصل ڪيل اهم سنگِ ميل ۽ خطي تي ان جي مستحڪم اثرن کي ساراهيو. ??ان??رنس جي پڄاڻي ان عزم سان ٿي ته ملڪ جي سلامتي ۽ ا??تحڪام کي درپيش سمورن خطرن کي قابل فخر قوم جي مڪمل حمايت سان ناڪام بڻايو ويندو.