اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انٽرميڊيئٽ اينڊ ??يڪ??ڊري ايجوڪيشن بورڊ لاهور جي امتحانن ۾ دانش اسڪول ??ي شاگرد محمد آيان ڪاشف کي پهريون نمبر اچڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ۽ چيو آهي ته دانش اسڪول ??و دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ ۾ تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته دانش اسڪول ميانوالي جي محمد آيان ڪاشف بورڊ جي امتحان ۾ 1190 نمبر کڻي پنهنجي قابليت مڃرائي آهي. محمد آيان، سندس گهرڀاتين ۽ استادن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته دانش اسڪول ??ون ٻارڙيون ۽ ٻار نئون مثال بڻجي اڀري رهيا آهن. دانش اسڪول ??و دائرو سڄي پاڪستان ۾ ڦهلائينداسين ۽ علم جي نور سان ملڪ کي تبديلي آڻينداسين. وزيراعظم بورڊ امتحان ۾ ٻيو نمبر ايندڙ ماز حيدر ۽ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندڙ ماهين سجاد، سائنس گروپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽن شاگردياڻين عبيرا اشرف، زينب آصف ۽ سحر شڪيل کي به مبارڪباد ڏني آهي.