اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت وزيراعظم جي منظوري سان عائشه رضا فاروق کي اعزازي طور تي وزيراعظم جي پوليو جي خاتمي بابت فوڪل پرسن مقرر ڪري ڇڏيو آهي. سندس مقرري فوري طور تي ڪئي پئي وڃي. عائشه رضا فاروق وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي ڪوششن ۽ تازه تري?? صورتحال کان باقاعدگي سان آگاهه ڪندي جڏهن ته صوبائي، ضلعي ۽ وفاقي سطح تي نيشنل ??يمرجنسي ايڪشن پلان تي عملدرآمد جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران قدم کڻڻ بابت وزيراعظم کي مشاورت پڻ فراهم ڪندي. عائشه رضا فاروق پوليو تدارڪ جي حوالي سان قومي ٽاسڪ فورس جي باقاعده ميٽنگ منعقد ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندي ۽ پوليو جي خاتمي جي مهمن جي نگراني سان گڏوگڏ سمورين ڌرين بشمول عالمي حصيدارن کي رهن??ائ?? فراهم ڪندي ته جيئن مهم جي ڪوريج کي بهتر بڻائي سگهجي. عائشه رضا فاروق پوليو تدارڪ پروگرام جي مرڪزي سطح تي سمورين سرگرمين جي رهن??ائ?? ڪندي. ماهوار ۽ هفتيوار نيشنل ??سٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاسن جي صدارت ڪندي. پوليو تدارڪ جي حوالي سان نيشنل ??يمرجنسي آپريشن سينٽر جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر سان گڏجي قومي ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان جي ن??ائ??دگي ڪندي. عالمي ترقياتي حصيدارن ۽ ٻين عطيو ڏيندڙ تنظيمن سان پوليو تدارڪ جي لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون منعقد ڪندي ۽ نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت سان ويجهي رابطي ۾ ڪم ڪندي ۽ پوليو بابت مسئلن جي خاتمي لاءِ وقت سر ۽ موثر ڪردار ا??ا ڪندي. نيشنل هيلٿ سروسز ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت مٿي ڄاڻايل ٽي او آرز تحت سندس مقرري جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.